سيد حاجي شاهه جي رانڪ

سيد حاجي شاهه جي رانڪ

سيد حاجي شاهه جي رانڪ

سيد حاجي شاهه جي رانڪ (ماڳ): هيءَ رانڪ مٽياري شهر ۾ آهي، جنهن جي مهاڙي، ڪاشيءَ سان سينگاريل آهي. لنگهه جو در ڏکڻ پاسي ونگدار آهي. ڪاٺ جو دروازو سادو آهي. دروازي جي مٿان ننڍيون برجيون ٺهيل آهن، جن جي مٿان ڪلسا ڏنل آهن. دروازي جي پاسن ۾ گول ونگ سان دريون ڄارين سان بند آهن، مٿان ڪا به ڇت ڪا نه آهي. ساديون ڀتيون جن تي سائو رنگ ڏنل آهي. مهاڙيءَ کان مصلي تي پهچڻ لاءِ ٻه ڏاڪا ٺهيل آهن. مصلو نيري ڪاشيءَ جي سرن سان مزين آهي. مصلو هڪ ٿلهي تي ٺهيل آهي. ٿلهي تي ڪل ڇهه قبرون آهن، اوڀر کان ٽيون نمبر قبر بزرگ سيد حاجي شاهه جي آهي. صرف نالي وارو ڪتبو لڳل آهي، جيڪو ويجهڙائي ۾ هٽايو ويو آهي. سيد حاجي شاهه لاءِ روايت آهي ته هيءُ بزرگ، عيسيٰ خان ترخان جي دور ۾ هتي آيو هو. هي بزرگ موسيٰ پوٽا خاندان جو جد امجد چيو وڃي ٿو. پاڻ صدر الدين شاهه جو پڙپوٽو هو. ’ڪواڪب السادات‘ نالي ڪتاب ۾ کيس ساهڙ لنجار جو مريد ڄاڻايو ويو آهي. قاضي مقصود ’تاريخ مٽياريءَ‘ ۾ هن بزرگ جو احوال ڏيندي لکيو آهي ته پاڻ مٽيارين جي پراڻي لنگهه وٽ مٽ رکي مسافرن کي پاڻي پياريندو هو، جنهنڪري ئي هن شهر جو نالو مٽياري پيو آهي. پاڻ شهر جو قاضي به هو. سندس وفات عيسيٰ خان ترخان جي دؤر ۾ ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو